ابو تراب شيخ

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش، جيڪو ’ابوترابيءَ‘ جي نالي سان مشهور هو، بنوعباس جي حڪومتي دؤر (786 کان 808ع) ۾، سنڌ جي ڪجهه علائقن تي حاڪم مقرر ٿي آيو. هن بزرگ، ’بکر‘ ۽ ’کرڙي‘ جا قلعا فتح ڪيا. سندس شمار تبع تابعين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ ئي شهيد ٿيو هو. سندس مقبرو ٺٽي ۾ ’گُجي‘ شهر کان ٽي ميل ڏکڻ اولهه طرف، ٿرڙيءَ جي مڪان ۾، تعلقي ميرپورساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي. ان لحاظ کان، هن درگاهه کي سنڌ جي قديم درگاهه سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0171.00.00  هجري

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش ، سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي .


0788.00.00  عيسوي

ابُو تراب شيخ: سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش ، سندس روضي جي ڪتبي تي تاريخ وفات 171هه/788ع لکيل آهي .



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شطاري
بايزيد بسطامي
حسين بن منصور حلاج
الهام
ساجن سوائي
قاضي احمد علي سنڌي
شاهه عثمان قريشي سهروردي
چشتي سلسلو
ضياء الدين شيخ سهروردي
عجمي سلسلو
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون